ڪراچي ميوزيم ۽ فورجي
جنريشن!
فائزه ڪانڌڙو
هُون ته منوڙا کان ويندي
ڪلفٽن جي سموري سمندري پاسي جي ۽ مائي ڪولاچي جي هن شهر جا تاريخي باب هر هڪ عام
ماڻهو پنهنجي اَکين ۾ قيد ڪيا آهن، پر انهن سمورن منظرن سان گڏوگڏ ڪٿي وري اُهي
تاريخي باب هڪڙي ئي چار ديواري ڪمري ۾ ايندڙ نسل کي ماضي جي حالتن جي بابت آگاهي
ڏيڻ لاءِ محفوظ ڪيل آهن، آئون به گذري ويل گهڙين کي وري دُهرائڻ لاءِ نيرون ڪوٽ
کان ڪراچي جي بند لاءِ نڪري پيس.
هڪ ڊگها رستا، ڪارخانن
جو ڪارو دونهون ۽ صنعتڪاري نظام جي هلندڙ گاڏي کي پار ڪري جڏهن ميٽروپوليٽن شهر سڏرائيندڙ
ڪراچي پهتس ته ائين محسوس پئي ٿيو ته ڪتابن ۾ پڙهيل اُها دور جڏهن روشنين جي شهر
ڪراچي جا رستا به هر روز صاف ٿيندا هئا، اُهي هاڻي “فورٿ جنريشن” جي وقت ۾
ڪاروائيون نه پيو ٿين.
مون سوير ذڪر ڪيو هنن
تاريخي ماڳن جو ۽ تاريخساز پُراڻين آثارن کي عجائب گهرن ۾ محفوظ ڪرڻ واري رسم جو،
ته آئون به انهي تسلسل کي برقرار رکندي ڪراچي ميوزيم پهتس، هُون ته مختلف سوچ ۽
لوچ جي مالڪ ماڻهن پنهنجي قلمي جنبش کي هن موضوع تي به خوب ڊوڙايو هوندو ته انهن
آثارن کي سماج ۾ ڪهڙا قدر حاصل آهن.
پاڪستان ايئر فورس، نيوي
۽ ٻين ادارن پاران هن وقت هُتي آڊيٽوريم ۾ ڪا تربيتي نشست جاري هئي، جنهن ۾ مختلف
عمر جي ماڻهن جي شموليت پڻ ظاهر پئي ٿي، ٿورو ڪَن ڏيئي ٻڌو ته؛ “جنهن سماج جون
عورتون ٻارن جي تربيت لاءِ نرسري جهڙو رُتبو حاصل ڪري سگهن ٿيون، اُهي بحري فوج ۽
ملڪي دفاع لاءِ پنهنجي سوچ آڌار ڪيئن ٿيون سهڪار ڪري سگهن”.
خير اُها هڪ تقريب هئي ۽
منهنجو موضوع وري به هن عجائب گهر ۾ پيل منفرد سوڪيشن کان وڌيڪ نوجوان نسل جو هن
طرف راغب ٿيڻ هو.
انٽرنيٽ پئڪيج ۽ هر قدم
کي اَپڊيٽ ڪندڙ ماڻهن وٽ چوڌاري پيل جاين کي ڏسڻ ۽ انهي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ
وقت ناهي!!
پاڪستان جي ٺهڻ کان
پهرين، انڊو_پاڪ جنگ جي ويڙهه واري وقت کان ويندي جيڪي به ڏُکيا دور يا مها آفتون
هن ڌرتي تي آيون آهن، انهن ۾ مڪمل طور تي سهڪار ڪندڙ يا هڪ طاقتور ٿنڀ ٿوڻي طور
نڀائيندڙ فوج جو استعمال ٿيل هٿيار، گاڏيون، اوزار توڙي ٻيون مختلف شيون هن ماحول
۾ ظاهر ٿيون.
اُنهي دور جي فوجي
حڪمرانن تي لکيل مختلف ساڃاهه وندن جا ويچار، پائي ۽ پيسي، پوشاڪ توڙي روزمره جي
استعمال ٿيندر شيون به هن دور جي پوري ريت نمائش ڪري رهيون هويون.
هڪ وڏي شهر جي ڊگهي
ايراضي تي پکڙيل اهڙيون عمارتون ۽ انهن تي سرڪار جو تعاون به اسان کي هن ڳالهه تي
وڌيڪ آماده ٿو ڪري ته واقعي اهڙي قسم جي منفرد ماڳن جي ضرورت اڄ جي هن دور کي
آهي!!!
سوال اَها آهي ته جيڪي
خيال هن وقت جڏهن دماغ ۾ ڊوڙي رهيا هئا ۽ هُتي بيٺل هڪ “برانڊ ڪنسيومر” نوجوان
نالي رحمان سان ڪيا ته هُن جو موقف به ڪجهه هن ريت هو، “هڪ پُر سڪون ۽ گهٽ ڳوڙ
واري ماحول ۾ هر ڪو ماڻهو پنهنجي زندگي جي چند گهڙين کي سازگار بڻائڻ لاءِ رُخ ڪري
ٿو ۽ ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ غليظ نظرين کي ٿُڏڻ لاءِ ڪري ٿو، باقي عجائب گهر ۽ عجوبا
عجيب آهن”.
ڊالڊا گيهه سان تَريل
پاپڙ وڪڻندڙ هڪ جهونو جڏهن منهنجي کاٻي هٿ واري پاسي کان هڪ وڏي ڊسڪو ٿيلهي کڻي
ڦريو پئي ته دل هن کي به پُڇڻ چاهيو پئي ته چاچا آخر هتي اَهي شيون وڪڻڻ بجاءِ ٻي
ڪا جاءِ نه به ڏسڻ آئي؟؟!!
موت جو ڍُڪ پيئندڙ هڪ
نوجوان فوجي جي پيءِ جو چوڻ هويو ته؛ “ڪاش! ملڪي دفاع لاءِ بارڊر تي جگر تاڙي
بيهندڙ جوانن جي سينن بابت به ڪنهن عجائب گهر ۾ اسپيس هُجي”.
هر عمر جا پنهنجا خيال ۽
منهنجي ڊائري جي آخري صفحن تي چَٽيل اَها پوري ڪٿا هڪ حيرت انگيز تجربي تي
اچي بيٺي ۽ ساڳئي گاڏي اچي ڀر ۾ هارن
هنيو.
نوجوان نسل کي گهرجي ته
اُهي حال جا ترجمان ٿيڻ سان گڏوگڏ ماضي جي ڪردارن کي به مان ڏين ته جيئن وقت سَر
انهن لاءِ ساڳئي ريت ڪا ڪاروائيون ڪاميابي جي شڪل اختيار ڪن.
No comments:
Post a Comment