Sunday, 18 March 2018

Aqsa BS Interview

To be checked
See spelling mistakes
اقصيٰ   نظاماڻي
     2K16/MC/13
ڊائيريڪٽر سنڌيولوجي ڊاڪٽر اسحاق سميجو
ڊائيريڪٽر سنڌيولوجي ڊاڪٽر اسحاق سميجو ھڪ ليکڪ سان گڏ شاعر ۽ ثڪافتي ڪارڪن پڻ آھن. ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي سنڌي شعبي جو ايسوسيئيٽ پروفيسر طور خدمات انجام ڏيڻ سان گڏ 2016 ۾ انسٽيوئٽ آف سنڌيولوجي جو ڊائيريڪٽر ٿيو. اچو تـ ڊاڪٽر صاحب سان سندس زندگي ۽ سنڌي ادب جي باري ۾ گفتگو ڪريون؛
سوال؛ اسلام عليڪم. توھان جي تعليم ۽ ڳوٺ ڪھڙو آھي؟
جواب؛ واليڪم اسلام. بنيادي تور منھنجو واسطو شحيد مخدوم بلاول جي ڀرسان ھڪ ننڊڙي ڳوٺ بھاولپور سان آھي. ان ڳوٺ ۾ ئي پرائمري تعليم حاصل ڪئي. بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. ان کان پوءِ 2014 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ئي پي ايڇ ڊي ڪئي. جنھن جو موضوع سنڌي شاعري تي انقلابي سوچ ھو.
سوال؛ سنڌي ادب لاءِ توھان جي وڏي جاکوڙ آھي ان بابت ڪجھ ٻڌايو؟
جواب؛ مون ادب ۽ ٻولي تي 14 ڪتاب لکيا آھن، جنھن مان پنج ڪتابن کي ھائير ايجوڪيشن ڪميشن ريسرچ پبليڪيشن ۾ شامل ڪيو. منھنجا ڪتاب ايم اي سنڌي جي سليبس ۾ شامل آھن. مون صحافت بـ ڪئي آھي. ڪاوش جھڙين سنڌ جي نالي وارن اخبارن ۾ ايڊيٽوريل پڻ لکيا. منھنجو اصل شعبو شاعري ۽ تنقيد آھي. منھنجا ٻـ ڪتاب شاعري تي ۽ ھڪ تنقيد تي آھي جنھن جو موضوع شاعري سان دشمني آھي.
سوال؛ توھان جي نظر ۾ ادب ڇا آھي؟
جواب؛ ادب ٻين شعبن وانگر ھڪ شعبو آھي. ادب ھڪ ذريعو آھي، پنھنجو خيال، ڳالھ ۽ احساس کي ماڻھن تائين پھچائڻ جو. اخبار توھان جي جزباتن جي ترجماني نٿي ڪري. اھو ڇو آھي جو اسان ڏک ۾ ڪو گيت ٻڌون ٿا؟ ڇو تـ اخبار ۾ اھا طاقت ناھي جيڪا ادب ۾ آھي، جيڪا توھان جي داخلي معملن کي ڏسي ٿو. توھان جي احساس کي ذبان ڏيئي ٿو. ادب جو ٻيو ڪم توھان کي تصور ڪرڻ ۽ سوچڻ سيکارڻ آھي.
سوال؛ سنڌيولوجي شعبو سنڌ لاءِ ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو آھي؟
جواب؛ سنڌيولوجي سنڌ جو ھڪ انتھائي اھم تحقيقي ادارو آھي، جيڪو قديم آثارن جي تاريخ، ثقافت، ادب ۽ سنڌي ٻولي جھڙن موضوعن تي تحقيق، کوج، حفاظت ۽ انھي کي دنيا تائين پھچائڻ جي ذميداري پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان کان علاوا ھن جا مختلف شعبا آھن جنھن ۾ ميوزيم جتي آثاري قديما جا ذخيرا موجود آھن، لائبريري جنھن ۾ تقريبن ڏيڊھ لک ڪتاب ڪيترن ئي موضوئن ۽ ٻولين ۾ لکيل آھن.
سوال؛ تفريح جي حوالي سان سنڌيولوجي جي باري ۾ ماڻھن جي ڇا راءِ آھي؟
جواب؛ سنڌيولوجي  ۾ ماڻھو ميوزيم جي طور تي گھمڻ اچن ٿا. اسان ان کي راڻي باغ وانگر ٽريٽ ڪيو آھي. پر ھن جو اصل ڪم اھو آھي تـ نـ صرف اھو تحقيق ڪرائي پنھنجي ريسرچ سيڪشن ڪي فنڪشنل ڪري گڏو گڏ ھُو سماج ۾ تحقيقي روين کي پروموٽ پڻ ڪري.
سوال؛ دنڌيولوجي ۾ ڪيھڙي ٽيڪنولوجي جي ڪمي آھي ؟
جواب؛ 21 صدي جي سنڌيولوجي جي پنھنجي ڪا ويبسائٽ ناھي، ان جي لائبريري دجيٽل ناھي، ان جا اڪثر ڪتاب آنلائن ناھن، ان وٽ اھي سسٽم ناھن جيڪي ھن دور سان مقابلو ڪري سگھن. ان ڪري اول ضرورت آھي تـ ان جا سسٽم اپڊيٽ ڪجن. پنھنجي خواحش آھي تـ سنڌيولوجي لائبريري ۾ موجود ڏيڊھ لک ڪتابن جي لسٽ آنلائن ھجي جيئن سڄي دنيا ڏسي سگھي ۽ ريسرچرز لاءِ آساني ٿئي. ٻيو ھڪ وڏي تعداد ۾ تقسيم کان پھرين جو ورثو جنھن ۾ ڪتاب ۽ اخبارون شامل آھن جيڪي برِصغير ۾ شايد ئي ڪنھن ٻي لائبريري ۾ ملن. اھي اسڪين ڪري پي ڊي ايف فائل ۾ دستياب ھجن.
سوال؛ توھان شاعر بـ آھيو، ڪجھ شعر اسان جي پرھندڙن جي لاءِ عرض ڪجو...
جواب؛ منھنجي اھا ڪوتاھي سمجھو تـ مونکي منھنجا شعر ياد ن رھندا آھن. ان جو سبب اھو آھي تـ سڄو ڏينھن ايترا خيال ذھن ۾ رھن ٿا جو شاعري ياد نٿي بيھي.
سوال؛ نوجوان نسل جي لاءِ ڪو پيغام؟
جواب؛ منھنجي راءِ آھي تـ پنھنجي ٻولي ۽ ماڻھن جي وارثي ڪيو. اھا قوم مٽجي ويندي آھي جيڪا منھنجي ٻولي جي وارثي ناھي ڪندي. پنھنجي روايتن تي فخر ڪرو.
نوٽ؛ توھان جي قيمتي وقت ڏيڻ جي مھرباني.
اقصيٰ   نظاماڻي
     2K16/MC/13


No comments:

Post a Comment