To be checked
ڊاڪٽر محمد حسن اگهيم؛ اڀرندڙ سائنس جي شعبي جو سائنسدان
بلاول پنهور/انٽرويو/ سنڌي/
بي ايس پارٽ /iiiرول نمبر 2K16/MC/25
ڊاڪٽر محمد حسن اگهيم سنڌ جي ٺٽي شهر ۾ جنم
ورتو، ۽ شروعاتي تعليم پڻ ان ئي شهر مان حاصل ڪئي، بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعداعليٰ
تعليم لاءِ سنڌ يونيورسٽي پوءِ ملڪ ۽ بعد
۾ وري ڄاڻ جي حاصلات لاءِ دنيا جي مختلف
ملڪن ۾ پڻ ويو، جتي ارضيات ۽ لاڳاپيل شعبي
۾ ڄاڻ حاصل ڪئي. جيڪو هن وقت جيالاجي شعبي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيل آهي. ايئن چئجي ته ارضيات سائنس جي شاخ آهي، ارضيات (Geology)
جنهن کي زمين جو علم به چيو ويندو آهي، ان جي ڪجهه وقت اڳ ماڻهن کي گهٽ ڄاڻ هئي،
پر هاڻي ان شعبي بابت ماڻهن جي ڄاڻ وڌي رهي آهي. ان حوالي سان اچو ته ارضيات شعبي
جي هڪ پروفيسر سان ڳالهه ٻولهه ڪريو.
سوال: سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجي باري
۾ ڪجهه ٻڌايو ته توهان ڪٿي پيدا ٿيا ۽ بنيادي تعليم ڪٿي حاصل ڪئي؟
جواب: سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان مشهور
شهر ٺٽي ۾ منهنجو جنم ٿيو ۽ بنيادي تعليم سميت ميٽرڪ جيڪا گورنمينٽ بوائز اسڪول ۽
انٽرميڊئيٽ جيڪا به ساڳئي شهر جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، مان حاصل ڪئي.
سوال: بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد توهان
اعليٰ تعليم ڪٿي حاصل ڪئي ۽ توهان استاد جي شعبي سان ڪڏهن آيا؟
جواب: ان وقت جي دور ۾ اسان جي علائقي ۾
ڪو اعليٰ تعليمي ادارو نه هو جنهن ڪري ٻئي شهرن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪئي ويندي هئي، ۽
مون سنڌ يونيورسٽي مان 1996ع ۾ بي ايس سي ڪئي، 1997 ع ۾ ساڳي ئي يونيورسٽي مان ايم ايس سي ڪرڻ
بعد ساڳئي ئي شعبي مان ايم ايس سي ڪئي. جڏهن ته 1999 ۾ پرهائڻ واري شعبي ۾ پير
پاتو. جنهن بعد 2007ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، 2012 ۾ ايسوسئيٽ پروفيسر ۽ 2015 ۾ وري
پروفيسر جي عهدي تي ترقي ماڻي ۽ هن وقت ارضيات شعبي جو ڊائريڪٽر پڻ آهيان.
سوال:ارضيات) ڇا آهي ۽ توهان ٻين شعبن
جي ڀيٽ ۾ ان ئي شعبي کي ڇو اهميت ڏني؟
جواب:ارضيات جنهن کي انگريزي ۾جيالاجي چوندا آهن، جنهن جي لفظي معنيٰ جيڪڏهن
ڪڍجي ته جيو(Geo) مطلب زمين ۽ لوگاس(Logos) يعني علم، جنهن کي ملائجي ته زمين جو علم ٿئي
ٿو. ان شعبي جي لفظ مان ئي ان بابت سمجهي سگهجي ٿو، يعني زمين جي علم ان ۾ بناوت،
تاريخ، موجوده صورتحال سميت لاڳاپيل شين جي علم کي ارضيات چئجي ٿو.
شروعاتي دور ۾ اهو شعبو ايترو عام نه هو پر هن وقت ان شعبي جي ڄاڻ ۽ اهميت وڌي رهي آهي. مون کي ان
شعبي بابت خاص ڄاڻ نه هئي پر پوءِ دوستن جي صلاح سان ان شعبي ۾ پير پاتو. پر بعد ۾
هاڻي ان جي اهميت جي خبر پئي ته ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن وانگر تمام گهڻي هميت
آهي.
سوال:ڇا توهان سنڌ يونيورسٽي کان اعليٰ ٻئي ڪٿي تعليم حاصل ڪئي آهي؟
جواب:
سنڌ يونيورسٽي مان ايم ايس ڪرڻ بعد پشاور جيپشاور يونيورسٽي مان 2008ع ۾ پي ايڇ ڊي
ڪئي، جنهن ۾ خصوصن منرالاجي ۽ جيو ڪيميسٽري جي شعبن کي اهميت ڏني. ان سان گڏوگڏ
جيالاجي ۽ لاڳاپيل شعبن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اعزازرگرانٽ
تي مختلف ملڪن جرمني، سائوٿ آفريڪا، نيپال ۽ چائنه ويس.
سوال: جيالاجي جي حوالي سان دنيا ۾ ڪهڙي
بدلاءُ اچي رهيو آهي؟
جواب: جيئن ته ارضيات هڪ اهڙي شعبي جو نالو
آهي جنهن جو عمل جاري رهندڙ آهي، اسان
محسوس نه ڪندا آهيون پر ان جو عمل جاري هوندو آهي، جيئن آتش فشان جنهن کي باهه جو جبل،
زمين جو سرڪڻ، ڀٿرن جو ڀرڻ سميت ٻيا عمل جاري آهن. ان سان گڏوگڏ ماحولياتي ارضيات
جو گرمي پد وڌڻ جيڪا هن وقت پوري دنيا جو وڏو مسئلو آهي جيڪو عمل پڻ جاري آهي.
سوال:سائين، ڇا اسان وٽ پاڪستان ۽ سنڌ ۾ جيالاجي جو حوالي سان مسئلا درپيش آهن؟
ان بابت اسان کي ڪجهه ٻڌايو.
جواب:جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ته ارضيات هڪ ايڪٽو فيلڊ آهي، اهڙي طرح پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ان
جو عمل دخل آهي، منهنجي حوالي سان ٻين شين سان گڏوگڏ اسان وٽ ساحلي پٽي سان لڳو لڳ
علائقا آهن، انهن کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي، اسان وٽ انڊس ڊيلٽا جتي درياءَ
سمنڊ سان ملي ٿو پر موجوده دور ۾ اهو نه ٿي رهيو آهي جنهن ڪري سمنڊ زمين کي ڳڙڪائي
رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ ٿر ۾ نڪرندڙ ڪوئلو جنهن جي نڪرڻ سان پڻ مسئلا ٿين ٿا، ان جي
بهتر نموني کوٽائي ۽ اتان کان ان جي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي منتقلي لاءِ به بهتر
قدم کڻڻ گهرجن.
سوال: توهان ان فيلڊ جي حوالي سان نوجوانن کي
ڪهڙو پيغام ڏيندا ته جيئن اهي ملڪ جي خدمت ڪري سگهن؟
جواب: جيالاجي هڪ بهترين فيلڊ آهي، جيڪا
سائنس جي ٻين شعبن يعني ميڊيڪل ۽ انجنيئرن جي شعبن وانگر اهميت رکندڙ فيلڊ آهي، هن
شعبي جو اسڪوپ دائرارو (Scope) تمام وسيع آهي جنهن جي
شروعات کان وٺي ڄاڻ ۽ مالي سهولتون ٻين شعبن کان وڌيڪ ٿين ٿيون. ان ڪري مان
نوجوانن کي صلاح ڏيندس ته هن شعبي ڏانهن اڃان وڌيڪ لاڙو ڪندا ته انهن لاءِ ۽ ملڪ
لاءِ تمام گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو.
No comments:
Post a Comment