2) By profession what he is?
3) Spelling mistakes
4) Ur name roll number class should also be in text file
5)Also ure name in Sindhi
6) Do not put number with questions
ليکڪ جو ڪم آهي ته سماج ۾ موجود خامين تي لکي : عبدالجبار قاسم
عبدالجبار قاسم نظاماڻي 1969ع ۾ ماتلي جهڙي ننڊي شهر ۾ قاسم نظاماڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيا اچو ته عبدالجبار قاسم کان ڪجهه سوال پڇون ان جي زندگي بابت !
سوال : توهان پنهنجو تعرف ڪرايجو ؟

سوال نمبر 2 : توهان ۾ لکڻ جو شوڪ ڪئين پيدا ٿيو؟
جواب : هر انسان ۾ تجسس جو مادو رکيل هوندو آهي. غورو فڪر کانپوء انسان جي اندر ۾ اڌما کائي ڳالهيون ٻاهر نڪرن ٿيون. انهي ڳالهين کي قلم جي ذريعي پني تي لکي ٿو. جڏهن به انسان سان ڪو واقعو پيش اچي ٿو انهي کي به پني تي اتاري ٿو. مطالعي جي صورت ۾ ڪتابن ۾ آيل ڳالهين کي نوٽ ڪري ، پني تي لکي ٿو مونکي به مطالعي دوران لکڻ جو شوق پيدا ٿيو انهي شوق ئي لکڻ جي ميدان ۾ آندو هن وقت تائين ڪافي ڪتاب لکي چڪو آهيان . انکاسواءِ منهنجا لکيل سوين مقالا ۽ مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
سوال نمبر 3: توهان جيڪي ڪتاب لکيا آهين ، انهن مان ڪجهه ڪتابن جو موضوع نظاماڻي شخصيت تي هئا . توهان جي نظر ۾ انهن جي ڪهڙي خاص خوبي هئي؟
جواب : منهنجا ٻه لکيل ڪتاب جهڙوڪ (1) رئيس الهبخش نظاماڻي هڪ مطالعو ، (2) مولوي خير محمد نظاماڻي هڪ مطالعو ، اهي ٻه ڪتاب نظاماڻي شخصيتن تي لکيل آهين. اسان جي نوجوان نظاماڻي برادري ۾ ٻين برادرين کي اها معلومات نه آهي ، ته نظاماڻي برادي جا فرد ڪيتري قدر نه پڙهيل هئا ۽ آهن. سنڌي ادب جي هر صنف تي نظاماڻي برادري جا ليکڪ گرفت رکن ٿا . شاعري ۾ حافظ نظاماڻي جو نالو ئي سنڌ ۾ ڪنهن تعرف جو محتاج نه آهي. نظاماڻي برادري جا فرد لطيف جا به پارکو آهن رئيس الهبخش نظاماڻي سنڌ جو مشهور تعليمدان ٿي گذريو آهي . سندس شاگردن جو حلقه احباب تمام وسيع آهي سنڌ جو ڏاهو، محقق ، تعليمدان ، لوڪ ادب جو گهڻگهرو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به سندس شاگرد رهي چڪو آهي. صحافتي حوالي سان مولوي نور محمد نظاماڻي تخلص ، “انور” ، “نور” ، “عرشي” ، “ملان” ۽ ان کانپوءِ مولوي خير محمد نظاماڻي جو نالا سڄي سنڌ ۾ حلقه صحافتي برادري ۾ باعزت طور ورتا وڃن ٿا . تحريڪ خلافت جو ننڊڙو بهادر سپاهي طور سڃاتل شخصيت مولوي خير محمد نظاماڻي به هڪ هئا . صحافت تي جيڪي به پي.ايڇ . ڊي ٿي چڪيون آهن انهي ۾ مولوي خير محمد نظاماڻي ۽ مولوي نور محمد نظاماڻي جا نالا نمايان طور لکيل آهن .
سوال نمبر4: توهان نظاماڻين جي قديم تاريخ تي ڪتاب لکيو آهي، اها معلومات توهان ڪٿان حاصل ڪئي ؟
جواب : نظاماڻي جي تاريخ ۽ شجري حسب نسب بابت ڪتاب “تذڪرهِ نظاماڻي ” لکيل آهي. تذڪرهِ نظاماڻي پنجن جلدن ۾ لکيل آهي جنهن جو صرف هڪ جلد شايع ٿيو آهي . هن ڪتاب جي تياري ۾ سوين ڪتابن تان حوالا ورتا ويا آهن. انهي سان گڏو گڏ مختلف رسالن ، مختلف اخبارن تان مدد ورتي وئي آهي. بلوچستان مان بلوچن بابت چپيل سب ڪتاب ورتا ويا هئا . نظاماڻي برادري جي ڪجهه فردن وٽ قلمي صورت ۾ قلمي حسب نامه لکيل پيا هئا ، انهن تان به مدد ورتي وئي هئي تحقيق دوران نظاماڻين جي هر ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿيو . نسب نامه ٻڌائڻ ۾ عورتن وڏي مدد ڪئي . جيڪي ٻڌائيڻ دوران پنهنجي والد جي نالي سان شروع ٿيندي هيون ۽ مير چاڪر اعظم رند تائين سون سالن جي تاريخ برزباني ٻڌائينديون هيون .
سوال نمبر 5: توهان شاعري تي ٻه ڪتاب لکي آهي ، ته توهان کي شاعري سان ڪيتري لڳاءَ آهي ؟
جواب؛ مون شاعري جا ٻه ڪتاب مرتب ڪيا آهن . جنهن جو شاعر حافظ نظاماڻي آهي. انهن ٻنهي ڪتابن جا نالا (1) باغي آ عشق منهنجو ، (2) تاريخ آهي شاهد ، آهن . ان کانسواءِ پنهنجي نظاماڻي پبليڪيشن طرفان شاعر غلام رسول “گوهر” جي شاعري جي ڪتاب “گوهر جي گفتگار ” به شايع ڪيو آهي. حافظ نظاماڻي جي شاعري جو ٽيون ڪتاب ڪمپوز ٿي رهيو آهي. شاعري سان لڳاءُ فطري عمل آهي. ڇا ڪاڻ ته شاعر پنهنجي شاعري ۾ انسان جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو فطرتي شاعري انسان کي وڻي ٿي.
سوال نمبر 6: هڪ ليکڪ جي حيصيت سان توهان هاڻوڪي سماج کي ڪئين ٿا ڏسو ؟
جواب : سماج انسانن جي گروهن جي گڏجڻ سان وجود ۾ اچي ٿو. جنهن به سماج ۾ جيڪيون خاميون آهن. ليکڪ جو ڪم آهي انهن خامين جي نقصانن جو تدارڪ ڪري ، ۽ انهن بابت لکي. هاڻوڪو سماج ڪجهه قدر پڙهيل لکيل آهي. ان ڪري اجتماعي طرح سان گهٽ ۽ انفرادي طرح سان ڪجهه غلطين جو اقرار ڪري ٿو. هاڻوڪي سماج جو پڙهيل لکيل افراد پنهنجي منزل مقصود جو تعين ڪري ٿو ۽ ان کانپوءِ منزل طرف روانو ٿئي ٿو.
سوال نمبر 7: توهان کي هن فيلڊ مان ڪا ڏکيائي پيش آئي؟
جواب: مونکي ڪتاب لکڻ يا شايع ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي محسوس نٿي ٿئي، ڇا ڪاڻ ته منهنجي پنهنجي پبليڪيشن آهي. جيڪا “نظاماڻي پبليڪيشن ماتلي ضلع بدين ” جھي نالي سان آهي. هِن وقت ويهه کان مٿي ڪتاب پنهنجي پبليڪيشن طرفان شايع ڪري چڪو آهيان.
No comments:
Post a Comment