Sunday, 18 March 2018

Bilawal Panhwar BS Profile



To be checked
ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ؛
بلاول پنهور/پروفائيل/سنڌي/بي ايس پارٽ 3/رول نمبر 2K16/MC/25
علم ۽ شعور جي حوالي سان سنڌ هميشه اڳ ڀري رهي آهي، هر دور ۾ اعليٰ قسم جا ڪردارن پنهنجي محنت ۽ جاکوڙ سان پاڻ ملهايو آهي، انهي تسلسل کي برقرار رکندي جيڪڏهن اسان ڏسنداسين ته هن وقت به اعليٰ قسم جا ڪردار اسان  کي سامهون ملندا،  جنهن  ۾ سائين ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ جو نالو اسان کي ان فهرست ۾ اڳيان اڳيان ملندو. ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ سنڌ جي انهن ڏاهن ماڻهن مان هڪ آهي، جن پنهنجي زندگي ۾ تمام گهڻيون علمي توڙي ادبي طور خدمتون سرانجام ڏيندي ۽ ملڪي سطح کان وٺي عالمي سطح جي مڃتا حاصل ڪئي ۽ اڄ تائين انهي خدمتن واري تسلسل  کي جاري رکيو اچن.
ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ  1948 جي فيبروري مهيني جي 5 تاريخ تي شهداد ڪوٽ پهر ڦٽي جو جنم ورتو، ان ساڳئي شهر ۾ سائين کهاوڙ پنهنجي شروعاتي تعليم يعني پرائمري کان انٽر تائين حاصل ڪئي،جنهن بعد وري سائين وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي جتي سائين کي ڪيميسٽري شعبي جي داخلا ملي،  جيڪا1970ع ۾ بيچلرس جي ڊگري حاصل ڪئي. ان وقت هن شعبي ۾ تمام گهٽ ماڻهن جو لاڙو هوندو هئو. جڏهن ته سائين کهاوڙ پنهنجي ماسٽرس ڊگري به ان ئي شعبي ۾ ڪئي ۽ پهرين پوزيشن کڻي سلور ميڊل حاصل ڪيو. ان ئي دور ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ريسرچ فيلوشپ ملي،  جنهن بعد وري ان ئي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ان دوران ئي ڊاڪٽر کهاوڙ 1977ع ۾ برطانيه جي برمنگهم يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو،  جتي ساڳئي ئي ڪيمسٽري شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪئي.پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد جاپان مان ڊپلوما ڪيو، ان دور ۾ ڊاڪٽر کهاوڙ اسسٽنٽ پروفيسر بعد ۾ وري ايسوسئيٽ پروفيسر جي عهدي تي ترقي ماڻي.  ان وقت ۾ ڊاڪٽر کهاوڙ  تعليمي سرگرمين سان گڏوگڏ تحقيق ڪرڻ وارو عمل به جاري رکيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جي رهنمائي به ڪندا رهيا.پڻ تحقيق رکي بعد ۾ هن کي وري 1991ع ۾ آمريڪا جي ميسا چيسٽيس يونيورسٽي ۾ سينئر فيلوشپ ڪرڻ جو موڪيو مليو، ۽ ان دور ۾ ڊاڪٽر کهاوڙ کي پروفيسر جي عهدي ترقي ملي. جنهن بعد ڊاڪٽر کهاوڙ 2000 ع ۾ ڊاڪٽر آف سائنس جي ڊگري يونيورسٽي آف برمنگهم مان حاصل ڪئي. ان ڊگري جي حوالي سان چيو ويندو آهي، پاڪستان مان تمام گهٽ ماڻهو آهن، جن  اها ڊگري حايل ڪئي آهي،  جيڪا خاص ڊگري طور سڃاتي ويندي آهي، جيڪا عام ڊگرين کان وڌيڪ اهميت جي حامل هوندي آهي.
ڊاڪٽر کهاوڙ پاڪستان سميت دنيا جي انهن سائنسدانن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، جن سائنس جي دنيا ۾ مختلف نيون ايجادون ڪري پاڻ مڃايو آهي، ڊاڪٽر کهاوڙ پاران ماحوليات، پاڻي، ۽ فشريز،  سميت ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ اڻٿڪ محنت ڪئي، شروعاتي دور کان وٺي ويجهڙ واري دور ۾ ڊاڪٽر کهاوڙ جي خصوصي طور ان تحقيق تي ڪم ويو آهي ته اسان کي ملندڙ پاڻي جيڪو سمنڊ، درياءِ خصوصن سنڌو درياءَ، منڇر ڍنڍ، ڪينجهر ڍنڍ سميت سنڌ جي مخلتف علائقن جي مٿاڇري ۽ زمين اندر پاڻي ۾موجود انهن عنصرن کي ڳولهڻ جيڪي جاندارن لاءِ نقصانڪار آهن.ان حوالي سان ڊاڪٽر کهاوڙ نئين تحقيق دنيا آڏو ڪري ڏيکاري جنهن سان پاڻي ۾ شامل اهي نقصاندهه عنصرن کي ڪيئن ڳولهجي پر انهن کي پاڻي مان ڪيئن صاف ڪجي، ان جا طريقا متعارف ڪرائي پاڻ مڃايو آهي. نه صرف پاڻي بلڪه رت ۽ ڊي اين اي پروٽينس ۾ شامل نقصان ڏيندڙ ڳرن ڌاتن کي ڳولهڻ تي به پڻ تحقيق ڪئي ۽ ڪاميابي ماڻي آهي.
ان نئين تحقيق جي ڪري مختلف ملڪي ۽ عالمي ايوارڊ پڻ ماڻيا جن ۾ صدارتي انعام ستاره امتياز ايوارڊ، اعزاز ڪمال سميت  يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن اسلام آباد پاران بهترين استاد طور ٻه دفعا اعزاز سان نوازيو ويو، ان سميت بهترين سائنسدان، سونا ميڊل، شيلڊس پنهنجي نالي ڪيا آهن، ۽ ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر کهاوڙ  جي تعليمي ۽ تحقيقي خدمتن جي ڪري کيس تاحيات پروفيسر ( ميريٽوريس پروفيسر) جي اعزاز سان پڻ نوازيو ويو.
ڊاڪٽر کهاوڙ پنهنجي ڪيل تحقيق جي ڪري ڪاميابي جي ڏاڪڙ تي وقت به وقت ڏاڪا چڙهندو ويو جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جو ميمبر، سنڌ حڪومت جي ڊرينيج پروگرام، سنڌ يونيورسٽي جي نيچرل سائنسز جو ڊين،  مختلف ادارن جي سينڊيڪيٽ، سليڪشن ڪاميٽين، بورڊ آف گورننس، واپڊا جي ماحولياتي ڪاميٽي، پاڪستان ايٽامڪ ڪميشن جو ميمبر، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيوٽ آف ڪيمسٽري جو ڊائريڪٽر، سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيوٽ آف ايڊوانس ريسرچ اسٽڊيز ان ڪيميڪل سائنسز جو ڊئريڪٽ،  سنڌ يونيورسٽي جي هاءِ ٽيڪ ليب جو ڊائرڪٽر،  ڊبليو ڊبليو ايف جي ٽڪنيڪل ڪاميٽي جو ميمبر سيمت مختلف تحقيقي ادارن جو پڻ ميمبر آهي.
ڊاڪٽر کهاوڙ کي 35  سالن به وڌيڪ تحقيق ۽ پڙهائڻ تجربو آهي، جنهن ۾ سائين پي ايڇ ڊي، ايم فل ۽ بيچلرس جي شاگردن کي ڄاڻ ڏئي پڻ ڪامياب ٿيڻ ۾ مدد ڪئي آهي.  ڊاڪٽر کهاوڙ موجوده وقت ۾ دنيا ۾ هلندڙ نئين تحقيق جيڪا نينو ٽيڪنالوجي جي نالي سان مشهور آهي ان تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن سان ماحوليات ۾ شامل اهي ڌاتو جيڪي ماحوليات کي خراب ڪن ٿا، انهن کي ڪيئن ڳولهجي ۽ ماحوليات کي انهن خطرناڪ ماحول دشمن عنصرن کان ڪيئن پاڪ ڪجي،  جنهن ۾ پڻ مختلف  ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي کي ڄاڻ ۾ پڻ مدد ڪري رهيو آهي.

اهڙي نماڻي طبيعت جا مالڪ تعليمدان ۽ سائنسدان سنڌ جي خدمت ڪري رهيا آهن، اهڙي اعليٰ قسم جا ڪردار اسان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اسان جي وچ ۾ موجود آهن، جيڪي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي.جن ملڪ سميت دنيا سطح تائين نالو روشن ڪيو آهي. 

No comments:

Post a Comment