To be checked
اقصيٰ نظاماڻي
2K16/MC/13
حافظ محمد
نظاماڻي جي حياتي تي ھڪ نظر
ھن ڌرتي تي پکڙيل اربين انسانن ۾ ڪو ڪو ماڻھو
موتي داڻو ھوندو آھي ، پوء اھو ڀلي دنيا جي ڪھڙي ب ڪنڊ ۾ جنم وٺي. اھو اڻملھ ماڻھو
جتي ب ڄمندو ۽ وڌي وڏو ٿي ھڪ در يتيم موتي وانگر پنھنجو پاڻ مڄاءيندو. اھو ماڻھو
پنھنجي قابليت، صلاحيت ۽ البيلي اندازسان ڪنھن ب قسم جي بد مزاج معاشري کان بي
پرواھ ٿي ڄڻ اونداھين آسمان وچان چوڏھين جي چنڊ جيان نڪري بيھندو آھي.اھڙن ءي املھ
ماڻڪ موتين مان حافظ محمد نظاماڻي ب ھڪ آھي.
حافظ محمد ولد فقير آدم خان نظاماڻي جو جنم
1954ع ۾ ڪڙءي گھنور شھر کان ٽي ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڳوٺ سھراب خان نظاماڻي ۾ ٿيو.
انھن جو پاڙو زردارائ نظاماڻي سڏجي ٿو. شروع کان ئ حافظ محمد نظاماڻي کي ڪنھن
اسڪول ۾ پڙھڻ لاءِ ن پيھاريو ويو ھو. اٺن سالن جو ٿيو ت سندس پيءُ کيس ڳوٺان وٺي
ماتلي سھر ۾ آيو، ۽ نظاماڻين جي پاڙي واري مدني مسجد ۾ مرحوم حافظ احمد پرياھ جي
مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي حفظ واري تختي پڙھيو. ان وقت ھيءَ ننڍڙو محمد، جڏھن پڙھائ
کان واندو ٿيندو ھو، ت مسجد ٻاھران پاڙي جي ٻارن، جوانن ۽ پوڙھن سان بنا حجاب جي
دلي ملي ڪچھريون لايو ويٺو ھوندو ھو.
ھي سن 1965ع جي ڳالھ آھي، حافظ محمد ورياھ ماتلي
مان مدرسو کڻي سندس ڳوٺ ڀرسان علي پور ويو۽ ھن ننڍڙي کُٿابيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي
ويو. علي پور جي مدرسي ۾ محمد قرآن مجيد حفظ ڪيو ۽ محمد جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان
کان پوءِ واپس ڳوٺ ويوجتي مجازي عشق جي وَرَ چڙھي ويو۽ شاعري جو آغاز ڪياءين ،
اچانڪ سندس طبيعت خراب ٿي پءي ، گھڻي علاج ۽ دوعاءن کان پوءِ سندس طبيعت ۾ سڌارو
آيو.ھڪ دفعي ٻن ماڻھن سھاري گھٽيءَ مان آيو پئ، ت ڳوچتو مجازي محبوب لانگاءو ٿيو،
شعر ٻڌائين، مجازي عشق جوپھريون شعر ڏجي ٿو؛
”نڪو ديدن ۾ دم ھوندو، نڪو
دلبر جو ڌڪ لڳندو،
نڪي ھاڻي نھاريندس، نڪي شاھد کي
شڪ لڳندو.”
مجازي عشق کان ٿڙي معدفت جي منزل ڏانھن راغب ٿي،
جنھن رگي ريتو ڪيس ۽ حقيقيءَ جي منزل ماڻيائين. سندس قلب تان ڪٽ لھي صاف ٿيو.
حقيقي منزل بابت چيل شعر ھيٺ ڏجي ٿو؛
”عجب تنھنجي در جي عنايت ڏٺي مون،
روئڻ راتو ڏينھن جي روايت ڏٺي
مون.”
حافظ صاحب جنھن ڳوٺ ۾ جنم ورتو اھو ڳوٺ علم و
عدب کان پري، انساني اخلاقن وارين وصفن کان بنھ وانجھيل، جاھليت ۽ جھنگل جي تھذيب
وارو ڳوٺڙو آھي. سندس ڳوٺ متعلق حافظ خود شاعريءَ ۾ چوي ٿو ت؛
”جتي علم ادب جي کوٽ آھي،
اھو منھنجو پنھنجو ڳوٺ آھي.”
حافظ ِصاحب پاڻ شاعريءَ جي حوالي سان شاھ
عبدللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ مولوي احمد ملاح جو مداح آھي، صوفيانا ڪلام ۾ حافظ
صاحب خود پاڻ ب نرالي ۽ جداگانا حيثيت رکي ٿو. سندس صوفيانا شعر ھيٺ ڏجي ٿو؛
”منھنجي وجود ۾ روز وسين،
آل انسان جا اونج ڏسين.”
حافظ صاحب لاڙ جو ھڪ يگانو شاعر آھي، جنھن
پنھنجي شاعريءَ ۾ ن صرف لاڙ پر پوري قوم کي جنجھوڙي، اگھور ننڊ مان اٿاريو آھي.
سنڌ ڌرتيءَ ۽ قوم سان جيڪو ويڌن وھي پيو، ان جو کُلي عام ذڪر ڪيو اٿس.حافظ صاحب ڪن
شعرن ۾ ڏاڍن ۽ ھيڻن جا احوال بي باڪي ۽ بھادري سان بيان ڪيا آھن، مختيار ۽ مجبور
انسانن جون عادتون ، مجبوريون، فضيلتون ۽ فرق ٻڌايا اٿس. جيئن چوي ٿو ت ؛
”ھو لڙڪ ت ڏس لاھياريءَ جا،
ٻڌل ٻار آھن ٻانھاريءَ جا.”
حافظ صاحب، غدارن، بي ضميرن، جابرن، ظالمن،
بزدلن، منافقن ۽ لالچين تي پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ ملامت ڪئي آھي. جيئن چوي ٿو ت؛
”تون بي ضمير آھين، تڏن امير آھين،
پئسي جو پٽ سڏائي ڪنو ضمير آھين.”
ان سان فڏو فڏ حافظ پنھنجي شاعري ۾ عورتن تي
ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍھ ب بيان ڪيو آھي. حافظ مذھبي حوالي سان حمد، نعت، قصيدا ۽ مناجتون
پڻ چيون آھن.
حافظ پنھنجي شاعريءَ ۾ لاڙ جي لھجي سان سنڌي
ٻوليءَ جا خالص، پُرڪشش ۽ اھڙا پُرلطف لفظ استعمال ڪيا آھن جو ماڻھو دنگ رھجي وڄن
ٿا ۽ اھي تمام گھڻو داد پڻ ڏين ٿا. حافظ سڄي زندگي غربت ۾ گذاري پر ھميشا حق ۽ سچ
جو ساٿ ڏنو ۽ ظلم جي مخالفت ڪئي. سندس زندگي ھڪ مشعلِ راھ آھي.
اقصيٰ
نظاماڻي
2K16/MC/13
No comments:
Post a Comment