Showing posts with label Faiza Kandhro. Show all posts
Showing posts with label Faiza Kandhro. Show all posts

Saturday, 3 March 2018

Faiza Feature Sindhi

Not reporting based
ڪراچي ميوزيم ۽ فورجي جنريشن!
فائزه ڪانڌڙو

هُون ته منوڙا کان ويندي ڪلفٽن جي سموري سمندري پاسي جي ۽ مائي ڪولاچي جي هن شهر جا تاريخي باب هر هڪ عام ماڻهو پنهنجي اَکين ۾ قيد ڪيا آهن، پر انهن سمورن منظرن سان گڏوگڏ ڪٿي وري اُهي تاريخي باب هڪڙي ئي چار ديواري ڪمري ۾ ايندڙ نسل کي ماضي جي حالتن جي بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ محفوظ ڪيل آهن، آئون به گذري ويل گهڙين کي وري دُهرائڻ لاءِ نيرون ڪوٽ کان ڪراچي جي بند لاءِ نڪري پيس.
هڪ ڊگها رستا، ڪارخانن جو ڪارو دونهون ۽ صنعتڪاري نظام جي هلندڙ گاڏي کي پار ڪري جڏهن ميٽروپوليٽن شهر سڏرائيندڙ ڪراچي پهتس ته ائين محسوس پئي ٿيو ته ڪتابن ۾ پڙهيل اُها دور جڏهن روشنين جي شهر ڪراچي جا رستا به هر روز صاف ٿيندا هئا، اُهي هاڻي “فورٿ جنريشن” جي وقت ۾ ڪاروائيون نه پيو ٿين.
مون سوير ذڪر ڪيو هنن تاريخي ماڳن جو ۽ تاريخساز پُراڻين آثارن کي عجائب گهرن ۾ محفوظ ڪرڻ واري رسم جو، ته آئون به انهي تسلسل کي برقرار رکندي ڪراچي ميوزيم پهتس، هُون ته مختلف سوچ ۽ لوچ جي مالڪ ماڻهن پنهنجي قلمي جنبش کي هن موضوع تي به خوب ڊوڙايو هوندو ته انهن آثارن کي سماج ۾ ڪهڙا قدر حاصل آهن.
پاڪستان ايئر فورس، نيوي ۽ ٻين ادارن پاران هن وقت هُتي آڊيٽوريم ۾ ڪا تربيتي نشست جاري هئي، جنهن ۾ مختلف عمر جي ماڻهن جي شموليت پڻ ظاهر پئي ٿي، ٿورو ڪَن ڏيئي ٻڌو ته؛ “جنهن سماج جون عورتون ٻارن جي تربيت لاءِ نرسري جهڙو رُتبو حاصل ڪري سگهن ٿيون، اُهي بحري فوج ۽ ملڪي دفاع لاءِ پنهنجي سوچ آڌار ڪيئن ٿيون سهڪار ڪري سگهن”.
خير اُها هڪ تقريب هئي ۽ منهنجو موضوع وري به هن عجائب گهر ۾ پيل منفرد سوڪيشن کان وڌيڪ نوجوان نسل جو هن طرف راغب ٿيڻ هو.
انٽرنيٽ پئڪيج ۽ هر قدم کي اَپڊيٽ ڪندڙ ماڻهن وٽ چوڌاري پيل جاين کي ڏسڻ ۽ انهي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ وقت ناهي!!
پاڪستان جي ٺهڻ کان پهرين، انڊو_پاڪ جنگ جي ويڙهه واري وقت کان ويندي جيڪي به ڏُکيا دور يا مها آفتون هن ڌرتي تي آيون آهن، انهن ۾ مڪمل طور تي سهڪار ڪندڙ يا هڪ طاقتور ٿنڀ ٿوڻي طور نڀائيندڙ فوج جو استعمال ٿيل هٿيار، گاڏيون، اوزار توڙي ٻيون مختلف شيون هن ماحول ۾ ظاهر ٿيون.
اُنهي دور جي فوجي حڪمرانن تي لکيل مختلف ساڃاهه وندن جا ويچار، پائي ۽ پيسي، پوشاڪ توڙي روزمره جي استعمال ٿيندر شيون به هن دور جي پوري ريت نمائش ڪري رهيون هويون.
هڪ وڏي شهر جي ڊگهي ايراضي تي پکڙيل اهڙيون عمارتون ۽ انهن تي سرڪار جو تعاون به اسان کي هن ڳالهه تي وڌيڪ آماده ٿو ڪري ته واقعي اهڙي قسم جي منفرد ماڳن جي ضرورت اڄ جي هن دور کي آهي!!!
سوال اَها آهي ته جيڪي خيال هن وقت جڏهن دماغ ۾ ڊوڙي رهيا هئا ۽ هُتي بيٺل هڪ “برانڊ ڪنسيومر” نوجوان نالي رحمان سان ڪيا ته هُن جو موقف به ڪجهه هن ريت هو، “هڪ پُر سڪون ۽ گهٽ ڳوڙ واري ماحول ۾ هر ڪو ماڻهو پنهنجي زندگي جي چند گهڙين کي سازگار بڻائڻ لاءِ رُخ ڪري ٿو ۽ ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ غليظ نظرين کي ٿُڏڻ لاءِ ڪري ٿو، باقي عجائب گهر ۽ عجوبا عجيب آهن”.
ڊالڊا گيهه سان تَريل پاپڙ وڪڻندڙ هڪ جهونو جڏهن منهنجي کاٻي هٿ واري پاسي کان هڪ وڏي ڊسڪو ٿيلهي کڻي ڦريو پئي ته دل هن کي به پُڇڻ چاهيو پئي ته چاچا آخر هتي اَهي شيون وڪڻڻ بجاءِ ٻي ڪا جاءِ نه به ڏسڻ آئي؟؟!!
موت جو ڍُڪ پيئندڙ هڪ نوجوان فوجي جي پيءِ جو چوڻ هويو ته؛ “ڪاش! ملڪي دفاع لاءِ بارڊر تي جگر تاڙي بيهندڙ جوانن جي سينن بابت به ڪنهن عجائب گهر ۾ اسپيس هُجي”.
هر عمر جا پنهنجا خيال ۽ منهنجي ڊائري جي آخري صفحن تي چَٽيل اَها پوري ڪٿا هڪ حيرت انگيز تجربي تي اچي  بيٺي ۽ ساڳئي گاڏي اچي ڀر ۾ هارن هنيو.
نوجوان نسل کي گهرجي ته اُهي حال جا ترجمان ٿيڻ سان گڏوگڏ ماضي جي ڪردارن کي به مان ڏين ته جيئن وقت سَر انهن لاءِ ساڳئي ريت ڪا ڪاروائيون ڪاميابي جي شڪل اختيار ڪن.

Tuesday, 13 February 2018

Article Faiza Kandhro


Are u sure ur topic was approved in this manner?
, Class roll No...Writer's name is missing
ذهني دٻاءُ

 ذهني دٻاءُ هڪ اهڙي ڪيفيت ۽ صورتحال آهي. جنهن ۾ انسان  پاڻ کي بيوس ۽ مجبور سمجهي ٿو. دماغ تي وزن ۽ بار محسوس ڪري ٿو، هر انسان کي زندگي ۾ ڪجهه اهڙا مرحلا ۽ مسئلا درپيش اچن ٿا، جنهن ۾ ٿورو يا گهڻو مختصر يا وڌيڪ عرصي تائين ذهني دٻاءُ جي تڪليف مان گذرڻو پوي ٿو.
جيڪڏهن ذهني دٻاءُ ڪنهن حد تائين قابل برداشت آهي ۽ ان جي حل ڪرڻ جي حڪمت عملي جو ڪو دڳ ۽ رستو موجود آهي ته وقت گذرڻ سان دٻاءُ دٻجي ختم ٿي وڃي ٿو. ليڪن  ڪي حساس ۽ نازڪ طبيعت جي ماڻهون (عورت يا مرد تي آهي) ته ختم ٿيڻ يا گهٽ ٿيڻ ۾ وقت لڳي ٿو. ايندڙ وقت يعني مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي ۽ ڇا ٿيندو؟ اهو رب پاڪ جي ذات کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به معلوم نه آهي. زندگي روز بروز مصروف ٿيندي پئي وڃي انسان گهڻن ڪمن ۾ ورهائجي تقسيم ٿي ويو آهي. ذهني دٻاءُ صحت لاءِ سٺو انڪري به آهي ته جنهن به  سبب ڪو مسئلو پيدا ٿيو آهي جيڪو ذهني دٻاءُ جو  ڪو  سبب بڻيو آهي ان کي صحيح ۽ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش جي صلاحيت ذهن ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ ذهني دٻاءُ جو هڪ ٻيو سڀ کان وڏو فائدو اهو به آهي ته انسان ۾ قوت ۽ صلاحيت بهتر انداز ۾  بيدار ٿئي ٿي، ان سان گڏ انسان کي خود اعتمادي يعني پنهنجو پاڻ تي ڀروسو هئڻ جي نعمت نصيب ٿئي ٿي. مثال طور هڪ شيشي جو  گلاس جيڪڏهن آءُ هڪ منٽ لاءِ هٿ ۾ رکان ته ڪو فرق نه پوندو. ساڳيو گلاس ٻه ڪلاڪ هڪ هٿ ۾ جهلي بيهان ته هٿ ۾ سور پوندو پوءِ ساڳيو گلاس آءُ 24 ڪلاڪ هٿ م جهلي بيهان ته هٿ سُن به ٿيندو ۽ ٿڪجي به پوندو ساڳيو مثال ذهني ٽينشن جو آهي ٿورو سوچڻ سان ڪو خاص فرق نٿو پوي مگر  لاڳيتي ۽ مسلسل هڪ ئي ڳالهه کي دماغ تي سوار ڪري پيو سوچبو ته آخر دماغ تي وزن پوڻ سبب ذهني ڪمزوري ۽ پريشاني پئي پلجندي. پاڪستان ۾ اڄ ڪلهه اهو هڪ وڏو
(Issue) هلي رهيو آهي. جنهن ۾ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن ڪري ٻار ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿين ٿا شديد ڏکن ۽ پريشاني جي ڪيفيت ۾ انسان پنهنجو پاڻ کي ڪم ظرف ۽ بيوس محسوس ڪري ذهني دٻاءُ جو باعث بڻجندو آهي، پوري ڏينهن ۾ ڪنهن به ڪم ۾  ڪا دلچسپي محسوس نه ٿئي، ڪنهن قسم جي خوشي محسوس نه ٿئي ۽ ڪو به فيصلو نه ڪري سگهڻ يعني فيصلي ڪرڻ جي سگهه ختم ٿيڻ اهي سڀ ذهني دٻاءُ جا سبب آهن.
 ذهني دٻاءُ کان بچڻ لاءِ هيٺ ڏنل ڳالهين تي عمل ڪرڻ سان اسان پنهنجي پاڻ کي ۽ ٻين کي انهي ڪيفيت مان ڪڍي سگهون ٿا.
1. فطري اصول آهي ته جيڪو جيتري محنت جفا ڪشي ڪندو اوترو ان کي اجورو ملندو.
2. خوش ۽ خوش مزاج رهڻ پاڻ کي مصروف رکڻ ڇنهن کان ستن ڪلاڪ پر سڪون ننڊ ڪرڻ.
3. حتي الامڪان  شڪ وسوسي وهم ڊپ کان پاڻ کي پري رکڻ.
4. صحيح ۽ سٺي سوچ رکڻ جيئن ٽينشن ۽ ڊپريشن جي تڪليف ڏيندڙ بيماري کان محفوظ رهڻ.
5. رب پاڪ جي رضا تي راضي رهڻ ۽ ان تي ئي ڀروسو رکڻ سان ذهني سڪون ۽ آسودي ملي ٿي.
6. پنهنجي ذهن کي مسئلن کان آزاد رکجي ۽ پنهنجي صلاحيت آهر مسئلن کي مڙس ٿي همت، حوصلي سان منهن ڏجي.
7. پنهنجي سوچ کي ۽ نيت کي بهتر بڻائجي.

8. ذهني دٻاءُ کان بچڻ لاءِ هي به هڪ طريقو آهي ته  اڪيلائي ۾ ويهي قلم ڪاغذ سامهون رکي اکيون بند ڪري ذهن ۾  صرف ان هڪ ڪم جو خيال رکي ان جي ماضي، حال ۽ مستقبل لاءِ غير جاندار ٿي سوچي، ان وقت آسپاس جي ماحول کان بي فڪر ٿي ذهن تي ڌيان اهو ئي هڪ ڪم يا مسئلو هجي ان تي عمل ڪري يعني مراقبي ڪرڻ سان انسان جي ذهن ۾ سوچن جو سمنڊ ڇوليون هڻندي محسوس ٿيندو آهي. هئن به ڪنهن به ڪم کي سوچي سمهجهي توري تڪي ۽ اڳيان پٺيان ڏسي وائسي سرانجام ڏٻو، ان جي عاقبت ڀلي ٿئي ٿي.