Tuesday, 13 February 2018

Article Faiza Kandhro


Are u sure ur topic was approved in this manner?
, Class roll No...Writer's name is missing
ذهني دٻاءُ

 ذهني دٻاءُ هڪ اهڙي ڪيفيت ۽ صورتحال آهي. جنهن ۾ انسان  پاڻ کي بيوس ۽ مجبور سمجهي ٿو. دماغ تي وزن ۽ بار محسوس ڪري ٿو، هر انسان کي زندگي ۾ ڪجهه اهڙا مرحلا ۽ مسئلا درپيش اچن ٿا، جنهن ۾ ٿورو يا گهڻو مختصر يا وڌيڪ عرصي تائين ذهني دٻاءُ جي تڪليف مان گذرڻو پوي ٿو.
جيڪڏهن ذهني دٻاءُ ڪنهن حد تائين قابل برداشت آهي ۽ ان جي حل ڪرڻ جي حڪمت عملي جو ڪو دڳ ۽ رستو موجود آهي ته وقت گذرڻ سان دٻاءُ دٻجي ختم ٿي وڃي ٿو. ليڪن  ڪي حساس ۽ نازڪ طبيعت جي ماڻهون (عورت يا مرد تي آهي) ته ختم ٿيڻ يا گهٽ ٿيڻ ۾ وقت لڳي ٿو. ايندڙ وقت يعني مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي ۽ ڇا ٿيندو؟ اهو رب پاڪ جي ذات کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به معلوم نه آهي. زندگي روز بروز مصروف ٿيندي پئي وڃي انسان گهڻن ڪمن ۾ ورهائجي تقسيم ٿي ويو آهي. ذهني دٻاءُ صحت لاءِ سٺو انڪري به آهي ته جنهن به  سبب ڪو مسئلو پيدا ٿيو آهي جيڪو ذهني دٻاءُ جو  ڪو  سبب بڻيو آهي ان کي صحيح ۽ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش جي صلاحيت ذهن ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ ذهني دٻاءُ جو هڪ ٻيو سڀ کان وڏو فائدو اهو به آهي ته انسان ۾ قوت ۽ صلاحيت بهتر انداز ۾  بيدار ٿئي ٿي، ان سان گڏ انسان کي خود اعتمادي يعني پنهنجو پاڻ تي ڀروسو هئڻ جي نعمت نصيب ٿئي ٿي. مثال طور هڪ شيشي جو  گلاس جيڪڏهن آءُ هڪ منٽ لاءِ هٿ ۾ رکان ته ڪو فرق نه پوندو. ساڳيو گلاس ٻه ڪلاڪ هڪ هٿ ۾ جهلي بيهان ته هٿ ۾ سور پوندو پوءِ ساڳيو گلاس آءُ 24 ڪلاڪ هٿ م جهلي بيهان ته هٿ سُن به ٿيندو ۽ ٿڪجي به پوندو ساڳيو مثال ذهني ٽينشن جو آهي ٿورو سوچڻ سان ڪو خاص فرق نٿو پوي مگر  لاڳيتي ۽ مسلسل هڪ ئي ڳالهه کي دماغ تي سوار ڪري پيو سوچبو ته آخر دماغ تي وزن پوڻ سبب ذهني ڪمزوري ۽ پريشاني پئي پلجندي. پاڪستان ۾ اڄ ڪلهه اهو هڪ وڏو
(Issue) هلي رهيو آهي. جنهن ۾ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن ڪري ٻار ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿين ٿا شديد ڏکن ۽ پريشاني جي ڪيفيت ۾ انسان پنهنجو پاڻ کي ڪم ظرف ۽ بيوس محسوس ڪري ذهني دٻاءُ جو باعث بڻجندو آهي، پوري ڏينهن ۾ ڪنهن به ڪم ۾  ڪا دلچسپي محسوس نه ٿئي، ڪنهن قسم جي خوشي محسوس نه ٿئي ۽ ڪو به فيصلو نه ڪري سگهڻ يعني فيصلي ڪرڻ جي سگهه ختم ٿيڻ اهي سڀ ذهني دٻاءُ جا سبب آهن.
 ذهني دٻاءُ کان بچڻ لاءِ هيٺ ڏنل ڳالهين تي عمل ڪرڻ سان اسان پنهنجي پاڻ کي ۽ ٻين کي انهي ڪيفيت مان ڪڍي سگهون ٿا.
1. فطري اصول آهي ته جيڪو جيتري محنت جفا ڪشي ڪندو اوترو ان کي اجورو ملندو.
2. خوش ۽ خوش مزاج رهڻ پاڻ کي مصروف رکڻ ڇنهن کان ستن ڪلاڪ پر سڪون ننڊ ڪرڻ.
3. حتي الامڪان  شڪ وسوسي وهم ڊپ کان پاڻ کي پري رکڻ.
4. صحيح ۽ سٺي سوچ رکڻ جيئن ٽينشن ۽ ڊپريشن جي تڪليف ڏيندڙ بيماري کان محفوظ رهڻ.
5. رب پاڪ جي رضا تي راضي رهڻ ۽ ان تي ئي ڀروسو رکڻ سان ذهني سڪون ۽ آسودي ملي ٿي.
6. پنهنجي ذهن کي مسئلن کان آزاد رکجي ۽ پنهنجي صلاحيت آهر مسئلن کي مڙس ٿي همت، حوصلي سان منهن ڏجي.
7. پنهنجي سوچ کي ۽ نيت کي بهتر بڻائجي.

8. ذهني دٻاءُ کان بچڻ لاءِ هي به هڪ طريقو آهي ته  اڪيلائي ۾ ويهي قلم ڪاغذ سامهون رکي اکيون بند ڪري ذهن ۾  صرف ان هڪ ڪم جو خيال رکي ان جي ماضي، حال ۽ مستقبل لاءِ غير جاندار ٿي سوچي، ان وقت آسپاس جي ماحول کان بي فڪر ٿي ذهن تي ڌيان اهو ئي هڪ ڪم يا مسئلو هجي ان تي عمل ڪري يعني مراقبي ڪرڻ سان انسان جي ذهن ۾ سوچن جو سمنڊ ڇوليون هڻندي محسوس ٿيندو آهي. هئن به ڪنهن به ڪم کي سوچي سمهجهي توري تڪي ۽ اڳيان پٺيان ڏسي وائسي سرانجام ڏٻو، ان جي عاقبت ڀلي ٿئي ٿي. 

No comments:

Post a Comment