Thursday, 15 February 2018

Zaheer Panhwar article MA

Too general. Referred back. Make specific and according to approved outline. Send it back till Feb 21.  Also write ur name in Sindhi at the top and write it is article or feature or any other genre. Subject line, file name are wrong, will not be considered next time.  


شاگرد يونين تي مڙهيل پابنديءَ جا نقصان.....!؟؟
اُهو دور جنهن دور ۾ جنرل ضياءُ جي ڏاڍ جو ڏهڪاءُ سڄي ڏيهه تي حاوي هو، جنهن دور ۾ لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي به بندش هئي پر سوچڻ به ڪفر سمجهيو ويندو هو، اُن دور لاءِ شيخ اياز ڪيڏو نه سچ چيو هو، ته،
سنڌڙي تنهنجو نانءُ کنيم
ڄڻ ڪاريهر تي پير پيئم
ضياءَ جي دور ۾ هر مڪتب فڪر جو ماڻهو عتاب ۾ هو، پر شاگرد هن تي ڪجهه وڌيڪ ڏکيا ڏينهن هئا، انهن کي خبر هئي ته شاگرد ۽ تعليمي ادارا قومن جو سرمايو هوندا آهن، اُهو قومن کان کسيل سونهن واپس ڏياري سگهن ٿا، انهن کي نيلسن منڊيلا جي لفظن تي يقين هو، تعليم کان وڌيڪ ڪو طاقتور هٿيار ناهي.
1984 جي دور ۾ ضياءُ شاگرد يونين تي پابندي لڳائي ڇڏي.
شاگرد يونين شاگردن جو واحد پليٽ فارم آهي، جنهن تان هوپنهنجا حق وٺي سگهن ٿا، انهن کان اُهو حق به کسيو ويو آهي.
سڀني تعليمي ادارن ۾ مذهبي انتهاپسندي جو ٻج ڇٽي قومي ۽ ترقي پسند سوچ ۽ سياست کي ختم ڪيو ويو. جڏهن مذهبي جماعتون تعليمي ادارن ۾ ڪاهي پيون ته نتيجا نورين لغاري جي واقعي جهڙا ئي نڪرندا.
اڄ سڄوملڪ مذهبي انتهاپسندي جهڙي موذي مرض جي لپيٽ ۾ آهي، ان وقت انهن سڀني مسئلن جو حل ملڪ جي مڙني تعليمي ادارن ۾ ترقي پسند، انسان دوست سياست کي هٿي وٺرائڻ آهي، اُها شاگرد يونين جي بحالي سان ئي ٿيندي.
جيڪڏهن قوم ۽ ملڪ کي سٺا سچا ۽ نوجوان ليڊر کپن ته اهڙي قيادت صرف تعليمي ادارن مان ملي سگهي ٿي.
شاگرد يونين تي پابندي جو سبب ادارن ۾ تشدد ٿيڻ جا واقعا ٻڌايو ٿو وڃي. حالانڪه اُهي شاگرد يونين تي بندش پوڻ کانپوءِ ئي وڌيا آهن، اهي شهادتن جي صورتن ۾ هجن، گمشدگين جي صورتن ۾ هجن يا ٽوپي لاهڻ جهڙن ذلت آميز واقعن جي صورت ۾ هجن. جيڪي ڪجهه تشدد جا واقعا بندش لڳائڻ جا سبب ٻڌايا ويا اُهي هٿرادو ڇڏيل ماڻهن کي کُلي ڇوٽ ڏني وئي. تعليمي ادارن ۾ هٿيار مهيا ڪري هٿرادو ماحول خراب ڪيو ويو، جيئن عوام کي محسوس ڪرائي سگهجي ته تعليمي ادارن ۾ شاگرد نه پر ڌاڙيل ٿا رهن، هينئر ڪجهه ڏينهن پهرين سينيٽ پاران ٺهيل ڪميشن (ڪميشن آف دي هول) جي مسودي جي منظوري ڏيندي تعليمي ادارن ۾ شاگردن يونين جي بحال ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي،  جڏهن اُن ڪميشن طرفان ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ته سينٽ به اُن ٺهراءُ کي منظور ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي بحال ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. پر ڏسڻو اِهو آهي ته ٺهراءُ پاس ٿئي ٿو يا سنڌي ٻولي واري ٺهراءُ ۽ ٻين ٺهرائن وانگر ڪاغذي ڪارروائي ۾ رهجي ويندو.
                                                                   ظهير حسن پنهور
2K16/MC/120

University of Sindh, Jamshoro

No comments:

Post a Comment