Thursday, 15 February 2018

Sarwech Odho MA article


منڇر ڍنڍ ماضي حال ۽ مستقبل
سرويچ حيدر اوڍو ( ايم اي پرويس)
سنڌ ڌرتي کي ازل کان ڪا اهڙي دعا ٿيل آهي جو سنڌ ڌرتي صدين کان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. سمنڊ هجي يا ٿر ، پهاڙ هجن يا ٻيلا ، زرعي زمينون هجن يا تيل گيس جا ذخيرا موجود آهن جنهن سبب سنڌ سدائين خوشحال ۽ مالامال رهي آهي. اڄ اسان هڪ اهڙي ئي قدرتي نعمت جي ڳاله ڪنداسين جيڪا نه رڳو منهنجي قدرتي اهميت ۽ افاديت ڪري انفرادي حيثيت رکي ٿي پر هزارين خاندانن جي پالنا جو سبب بڻيل آهي .
5000 هزار سالن کان وڏي ڄمار رکندڙ منڇر ڍنڍ جيڪا ايشيا جي قدرتي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي ۽ جنهن جي پکيڙ سوين ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. منڇر کي سنڌو دريا جي مان نئي گاج ۽ مختلف نهرن مان پاڻي ملندڙ آهي ۽  برساتن جي موسم ۾ کير ٿر جبل مان پڻ پاڻي ملندو آهي.
منڇر ڍنڍ تي رهڻ سهڻ
منڇر ڍنڍ تي رهندڙ مهاڻن جي اڪثريت ملاح برادري جي آهي پر ان سان گڏوگڏ ٻيون برادريون جنهن ۾ نوهاڻي ،بوذدار، جمالي ،کوسا ٻگهيا ۽ اينڪ برادريون مڇي ماري گذارو ڪن ٿيون. منڇر ڍنڊ تي رهندڙ مهاڻن جون خوشيون ۽ خاص ڪري شاديون به ڏسڻ وٽان هونديون آهن . سون جي تعداد ۾ مهاڻاپنهنجي پنهنجي ٻيڙين ۾ تي چڙهي شاديون ملهائيندا آهن ۽ انهي ٻيڙين ۾ سندن گهر ٺهيل هوندا آهن . جڏهن ته علاج لاء پڻ ٻيڙي ڊسپنسري هوندي آهي جنهن ۾ ننڍو وڏو علاج ۽ ڪيترن ئي مائين جا ويم پڻ ٿيا آهن. ساڳي ريت ڪجه وقت لاء مهاڻن جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاء ٻيڙي اسڪول پڻ قائم ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ بند ٿي ويو.
آمدني جا ذريعا
منڇر ڍنڊ ۾ آمدني جو اهم ۽ مک ذريعو مڇي مارڻ هو ، ان ڍنڍ ۾ 50 کان 70 قسمن جي مڇين جا نسل موجو هئا جنهن مان مک جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
1) ڪرڙي
2) موراکو
3) ٿيلهي
4) ڄرڪو
5) شاڪر
6) پتو
7) لوهڻ
8) گورج
9) ڳائنر
10) کنڊڻ
مڇي جي ناياب نسلن سان گڏوگڏ اتي سبزيون ، گاه ،پن مان ٺهندڙ سامان تيار ڪري وڪڻي گذارو ڪندا هئا. ان هيڏي وڏي تعداد ۾ مڇين جي قسمن ۽ ٻين وسيلن ڪري مهاڻا وڏي خوشحالي واري زندگي گزاري زندگي جو چرخو هلائيندا هئا.  رات جو ڪچهرين جون محفلون، سگهڙ جا ٻول ، اوطاقون جا حال احوال پڻ ٻيڻينتي ڪيا ويندا هئا.
منڇر ڍنڊ جي بربادي جا سبب
قدرتي وسيلن سان  مالامال ڍنڍ جي تباهي جي شروعات 90 جي ڏهاڪي پنهنجي عروج تي پهتو جنهن جو مک سبب دريا جو تازو ۽ مٺو پاڻي بند ڪري فيڪٽرين ۽ گٽرن جو زهريلو پاڻي کي هن ڍنڍ ۾ ڇوڙيو ويو ۽ ترقي جي نالي تي مهاڻن کي اهو چئي ان پاڻي جو ڇوڙ ان ڍنڍ ۾ ڪيو ويو ته اهو پاڻي قدرتي ڍنڍ جي خوبصورتي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. پهريان آر بي او ڊي ۽ پوء ايل بي او ڊي وسيلي زهريلو ڪيميڪل وارو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو ۽ پوء ان ڪم ۾ گٽرن جو پاڻي ملائي بچيل ڪسر پوري ڪري ڍنڍ کي هٿ سان وٺي تباه ڪيو ويو.
منڇر ڍنڊ جي بربادي جا اثر
منڇر ڍنڍ  ۾ زهريلي پاڻي جي ڇوڙ سان نه رڳو ڍنڍ ۾ گدلو ۽ زهريلي اثر وڌڻ شروع ٿيو پر ان سان گڏوگڏ 50 کان وڌيڪ مڇين جا ناياب نسل تباه ٿي ويا. ان سان گڏ ڍنڍ ۾ ٿيندڙ پن ۽ سبزيون سڙي ناس ٿئي ويون جنهن سبب اتي آباد هزارن جي تعداد ۾ مهاڻا معاشي بدحالي جو شڪار ٿئي اتان لڏي وڃي ٻين ڍنڍن ۽ صاف پاڻي جي وهڪرن تي در بدري واري زندگي گزارڻ تي مجبور ٿيا . ان سموري اذيت ۽ تڪليف واري عمل تي سنڌ توڙي پاڪستان حڪومت مهاڻن جي دردن ۾ گهٽتائي ڪرڻ بدران اضافو ڪري کين بي يارو مدد گار ڪري ڇڏيو .
منڇر ڍنڊ کي ڪيئن بڇائي سگهجي ٿو؟
منڇر ڍنڍ جي خوشحالي ۽ مهاڻن جي واپسي هاڻ تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن فيڪٽرين ۽ گٽر جي پاڻي کي هن قدرتي ۽ خوبصورت ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ فوري طور بند ڪري سنڌو دريا ۾ تازو ۽ مٺو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ۽ ان ڳاله تي عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي . اهڙي عمل تي ڪجه پيش رفت سپريم ڪورٽ ڪئي آهي پر حڪومتي نااهلي ۽ عدم دلچسپي سبب اها ڍنڍ اڄان تائين مدد جي طلبگار آهي جنهن کي فوري طور ٻيهر آباد ڪري سياحت ۽ معاشي مواقعن کي وڌائي سنڌ توڙي پاڪستان کي ترقي ڏياري ملي.


No comments:

Post a Comment