مٺي ٿي ماٺ ۾ روئي
ڏٺو وڃي ته جاگرافيائي طور تي ٿر سنڌ جو ڀاڱو آهي پر اتي جون حالتون بنھ مختلف آهن.ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ٿر جو هي وارياسو علائقو ڪنهن حوالي سان مختلف,منفرد ۽ انوکو رهيو آهي.اتان جا ماڻهو پنهنجي معاشرتي زندگي ميٺ,محبت,سڪ, سهپ ۽ سچائي جا عجيب رنگ گڏ کڻندي گذارن ٿا.ٿر هڪ اهڙو علائقو آهي جنهن جو سير سنڌ جي سر تاج شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي ڪيو آهي ۽ پنهنجي شاعري جي سرن کي ٿر جي ماڻهن ۾ سمائيندي چيو آهي
ڏينهان ڏورن ڏٿ سين,راتيان ڪن ريهاڻ
عمر تني ڪاڻ,منهنجو روح رڙيون ڪري.
يا کڻي ائين چئجي ته سنڌ جي تاريخ ۾ تهذيب ادب توڙي لوڪ ادب جو پورو اڌ حصو انهي ئي امن واري خطي جي پيداوار آهي.
انهي امن جي گلاب مثل ڌرتي تي ضلعي ٿرپارڪر جو ڳڙھ سڏائيندڙ مٺي شهر به واقع آهي.جيڪو پنهنجي نالي جيان پنهنجي مزاج ۾ اڄ به ٻين شهرن کان گهڻو منفرد آهي.اها ئي وجھ آهي جو اتي هميشھ برادري,برابري اخوات,انساني محبت,غيرت,شجاعت,۽ حب الوطني جا جوهر پيدا ٿيا آهن.ڏٺو وڃي ته اتان جا ماڻهو ويچارا غريب, سادا, اڻ پڙهيل تمام سادن گهرن ۾ رهندڙ آهن پر ان جي باوجود اتي جي ماڻهن ۾ سڪ, سهپ ۽ سچائي سمايل آهي.مٺي شهر کي امن جي ڌرتي به سڏيو ويندو آهي انهي ڳالھ جو اندازو صبح جو اسر ٽاڻي ڪنن جي سمائتن تائين پهچندڙ آذانن ۽ مندرن ۾ وڄندڙ گهنٽين مان به لڳائي سگهجي ٿو.انهي پنهنجن جي پنهنجائپ واري چادر اوڍيل مٺي شهر ۾ ڏياري جي رات جيڪڏهن گڍي ڀٽ تي چڙهي نظر گهمائيندو ته هر گهر ۾ ڏياري جو ڏيئو ٻرندي نظر ايندو چاهي اهو گهر ڪنهن هندو جو هجي يا وري ڪنهن مسلمان جو مطلب ته اتي مذهب جي هڪجهڙائي ئي نظر ايندي آهي.يا کڻي ائين چئجي ته ان شهر جي فطرت ۾ ڪائنات جا انوکا رنگ وکريل آهن.اهو ئي امن وارو شهر گذريل هڪ مهيني ۾ مٺا مٺا سڏڪا ڀري روئي رهيو آهي.جنهن جو اهم ڪارڻ جمعي پنج جنوري تي ٿيندڙ واقعو آهي.جڏهن اهو شهر پنهنجي مٺي ننڍ مان سڄاڳ ٿيو هو ته اوڇچتو هڪ آواز ٻڌهڻ ۾ آيو جيڪو نه ڪنهن ڏياري جي ڦٽاڪي جو هو نه ئي وري ڪنهن خوشي واري تهوار تي ٿيندڙ آتشبازي جو هو بلڪه هن شهر لاء اوپرو آواز هو.هڪ اهڙو آواز هو جيڪو ٿر سميت سموري سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو هو .اهو آواز ان گولي جو هو جيڪا ٻن هندو ڀائرن جي سينن مان گذري مٺي جهڙي ماٺ ڌرتي ۾ لڳي هئي.ان واقعي کان پوء ان شهر ۾ هڪ نئي تاريخ جنم ورتو هو ڇاڪاڻ جو ان کان اڳ ان قسم جو واقعو ڪڏهن به نه ٿيو هو.ٻن هندو ڀائرن چندر ۽ دليپ جون جانيون کسڻ کانپوء جوابدر جاء واردات کان ته فرار ٿي ويا هئا.جنهن جو بنيادي سبب مٺي شهر جي پوليس جو موقعي تي نه هجڻ هو ڇاڪاڻ جو ان ڏينهن اتان جي پوليس ميرپورخاص شهر ۾ رٿيل پيپلز پارٽي جي جلسي ۾ سيڪورٽي جا فرائض انجام ڏئي رهي هئي.ان وقت هر ماڻهو جي ذهن تي هڪ ئي سوال اڀري رهيو هو ته ڇا اهي قاتل گرفتار ٿي سگهندا يا اهو ڪيس به عمرڪوٽ واري ٻن ڪاروباري مالهين واري قتل ڪيس وانگر ان کي به مذهبي رنگ ڏئي ڪا سياست ڪئي ويندي.
ان واقعي کان پوء ان ڳاله جو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٿر جو اهو امن وارو خطو ڪيترو تيزي سان بدلجي رهيو آهي.انهي بدلجندڙ صورتحال ۾ ٿر توڙي مٺي شهر جي مزاج کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو ?هميشه ڌرڻن , مظاهرن,لٽيرن , ڦرن کان آجهو رهندڙ اهو خطو جيڪو ڪجه عرصي کان روئي رهيو هو ان کي ماڻهن جي گرفتاري سان ماٺ ڪرايو ويو آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا انهن ماڻهن کي سزا ڏئي ٿر جي بدلجندڙ صورتحال کي روڪي سگهبو ? ان ڳاله تي سڀنين ٿري ماڻهن کي غور ويچار ڪرڻ کپي ته مٺي توڙي عمرڪوٽ ۾ ٿيندڙ واقعات صرف هندو ڀائرن تي حملو نه هيو بلڪه سڄي ٿر جي امن واري خطي کي پامال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.سڀنين ٿر واسين کي هڪ ٿي سوچڻ گهرجي ته آخر ڪير آهي جيڪو ٿر جي امن واري واري تي خون جي هولي کيڏڻ ٿو چاھي.
ڪير ٿو ڀيلي اسان جا ڀاڳ هي
ڀون جو وشواس ٽوڙي ڪير ٿو
رت مان ٻوڙي هي خنجر خوف جو
امن جي ڌرتي تي کوڙي ڪير ٿو
نالو : محمد يوسف سومرو
رول نمبر :2k16/Mc/70
ڪلاس : بي ايس پارٽ ٿري
No comments:
Post a Comment