Sent on Feb 12-02-18
File-name, subject-line are wrong.
Observe paragraphs
How this profession is at extinction
Too general, not specific
Needs imrpovement.
ڪُنڀارڪي هُنر کي هٿي وٺرائي وڃي
معصوم مصطفيٰ ڪُنڀر
صدين کان وٺي هن ڌرتي جي چيڪي مٽي مان ٺڪر جا ٿانوَ ٺاهيندڙ ڪاريگر، جن کي ڪُنڀار چيو ويندو آهي، جن جي وڏڙن جي هٿن جون ٺهيل شيون اڄ کان پنج هزار سال اڳ ڪاهو جي دڙي ۽ موهن جي دڙي مان ملندڙ قديم ٺڪر جي ٿانوَن جي آثارن جي شڪل ۾ مليون آهن تنهن مان اهيو معلوم ٿئي ٿو ته هي ڪُنڀارڪو ڪم پنج هزار سال پراڻو ڪم آهي ۽ اڄ کان پنج هزار سال پراڻي تاريخ کي جنم ڏئي ٿو، جيتوڻيڪ انهي ڳالهه مان اهيو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ کان پنج هزار سال پهرين به ڪُنڀار رهندا هئا ۽ اها صدين جي ثقافت اڄ تائين به جاري ۽ ساري آهي. هڪ پسمنظر طور سڄي سنڌ ۾ ڏٺو وڃي ته ڪُنڀار قبيلو تمام اڪثريت سان آهي ۽ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪُنڀار قوم جا ماڻهو وڏي آبادي ۾ آباد آهن ۽ انهي ڪُنڀار قوم پنهنجي سڃاڻپ کي زنده رکندي پنهنجي ڪرت نه ڇڏي آهي، شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي به پنهنجي شاعري ۾ ڪُنڀار قوم جي هُنر جو تمام سهڻو ۽ مانائتو ذڪر ڪيو آهي جيڪو ڪُنڀار قوم جي لاءِ هڪ اعزاز ۽ تاريخي ڳالهه آهي. جيتوڻيڪ هي ڪُنڀارڪو ڪم سنڌ جي ثقافتي ورثي ۾ شامل ٿئي ٿو پر هن سنڌ جي سٻاجهڙي ثقافت کي دُنيا ۾ اجاگر ڪرڻ بدران پوئتي جي طرف ڌڪيو پيو وڃي ۽ حڪومت توڙي ثقافت کاتي طرفان ڪُنڀار قبيلي جي هن ڌنڌي کي ڪابه هٿي نه پئي وٺرائي وڃي ۽ ڪوبه فنڊ وغيره نٿو ڏنو وڃي ۽ حڪومت هنن مظلوم پورهيتن پيٽ بکايل ڪاريگرن جي هڏي هڏي جو ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ڪو قدر نه ڪيو آهي جيڪي مزدور مظلوم پورهيت ويچارا پنهنجي پيٽ خاطر نٽهڻ اُس ۾ ويهي چيڪي مٽي کي ڳوهي چڪ هلائي مٽي جا سهڻا ٿانوَ تيار ڪن ٿا. هلندڙ موجود ٽيڪنالاجي جي دور ۾ هر روز نئيون جديد شيون اچڻ سان ڪُنڀارڪي ڌنڌي کي به وڏو ڌڪ رسيو آهي جنهن ۾ پلاسٽڪ جو ٺهيل شيون وڏي رڪاوٽ بڻجي ويون آهن ۽ ڪُنڀارڪي هنر کي هٿي نه ملڻ ڪري پلاسٽڪ جي شين جو استعمال ڏينهون ڏينهن وڏي رهيو آهي پر ان هوندي به اڃا تائين سائنس هن هنر کي مات ڏئي نه سگهي آهي اڄ به مٽي مان ٺهيل گهڙا، دلا، مٽ، دانگيون، ناديون، ڪونڊيون، ڪونڊا، پاٽون، ڪونئرا به هنن پورهيتن جا ٺهيل آهن جيڪي آوي نهائين مان پچي راس ٿي مارڪيٽ ۾ اچن ٿا ۽ اهي سنڌ جي جهرن، جهنگن، ڳوٺن ۽ ٿر جي وارياسي ڀٽن تي آباد ماڻهو اڄ به هي ٺهيل مٽي جا ٿانوَ استعمال ڪن ٿا. مذهبي طور تي به ڏٺو وڃي ته حضورصه جن جي دور ۾ مٽيءِ جا ٿانوَ استعمال ڪيا ويندا هئا تنهن ڪري مٽيءِ جي ٿانو ۾ کائڻ پيئڻ سنت ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ ماڻهو انهن ٿانون کي سنت طور به گهڻي ڀاڱي استعمال ڪن ٿا. ڪُنڀارڪو هُنر ڏٺو وڃي ته اسان جو ثقافتي ورثو به آهي جيڪو اسان جي هزارين سالا تاريخ کي به زنده رکندو پيو اچي، اسان جي ملڪ ۾ ثقافتي ورثن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر سال ڪيترائي ميلا منعقد ڪيا ويندا آهن جتي هر قوم جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ اسلام آباد ۾ لڳندڙ لوڪ ورثا ميلو پڻ شامل آهي، ان سان گڏوگڏ هٿ جي هنر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڊونر ادارا پڻ موجود آهن پر اهي صرف مال ميڙڻ تائين محدود بڻيل آهن، موجود وقت ۾ سنڌ جو ثقافت کاتو به هلچل ۾ رُڌل آهي پر ڪُنڀارڪو هُنر ثقافت کاتي کان مڪمل طور تي نظر انداز ٿيل آهي. اُن لاءِ هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سرڪار هٿ جي هنر کي زنده رکندڙن جي سهائتا ڪري ۽ هنن ڪُنڀارن جي هنر جي نالي تي اسلام آباد جي مختلف ڊونر ايجنسين کان لکين روپيا وٺي ڳڙڪائي هنن پورهيتن کي خوش ڪري ڪوڙين سماجي تنظيمن کي ملندڙ فنڊ بند ڪري ڪُنڀارن جي سڌي طرح سهائتا ڪئي وڃي ۽ ڪُنڀارن جي ٺهيل فن پارن جي به نمائش ڪري عالمي سطح تي متعارف ڪرايو وڃي ته جئين ڪُنڀارڪي هنر کي دُنيا سطح تي پذيرائي ملي سگهي..!!
معصوم مصطفيٰ ڪُنڀر
2k/16/M/139
ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽيڊيز سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
No comments:
Post a Comment