Wait for feedback
Article-Bilawal panhwar-2k-16-MC-25- BS Part 3
سنڌ ۾ تعليم جي حوالي سان اهم حيثيت رکندڙ ڄامشورو شهر ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، جنهن جي ٿڌڙين هوائن ۽ فطري خوبصورتي تي ناليوارن اديبن ، دانشورن ۽ شاعرن پاران تعريف ڪئي وئي آهي. ڄامشورو جنهن کي تعليمجو شهر به سڏيو ويندو آهي.
هن شهر ۾ ٻه وڏيون ملٽاءِ نيشنل ڪمپنيون پڻ موجود آهن ، جيڪي پڻ عالمي سطح تائين ڄامشورو شهر جي نالي کي اجاگر ڪري رهيون آهن. ان سان گڏوگڏ سنڌو درياءَ جيڪا سنڌ جي دل آهي، ان جي مٿان وري اڏيل ڪوٽڙي بئراج، ان سان لڳولڳ المنظر سونهن ۽ اتساهه جو مرڪز ۽ ان مان نڪرندڙ ڪي بي فيڊر، ڊائون اسٽريم پڻ هتي ملي ٿو. المنظر جنهن کي پبلڪ پوائنٽ به سڏيندا آهن، هتي ماڻهو پنهنجي فيملي سان گڏ موسم جو مزو وٺڻ اچن ٿا.هن شهر مان نيشنل هاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي وڏا رستا گذرندا آهن. جتان پوري پاڪستان سميت دنيا جو گذر ٿيندو آهي، پاڪستان سطح جو بجلي گهر جيڪو ٿرمل پاورهائوس جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، اهو پڻ هن شهر جي ڀاڳ ۾ لکيل آهي.
هن شهر ۾ ايتريون شيون هجڻ باوجود هتان جي انتظاميه توڙي مٿي ڄاڻايل مختلف شين جا اسٽيڪ هولڊرس شهر تي ڪوبه ڌيان نه ڏيندي اکين ۾ ڄڻ بي ڌياني جو سرمو پائي ويٺل آهن، جيڪڏهن اسان شهر جي مٿي ڪيل تعريف کي ڏسيندي سوچيندا هونداسين ته هيتريون شيون هجڻ ڪري هي شهر به ترقي يافيه شهرن وانگر هجڻ گهرجي، پر بد قسمتي سان اهڙي ڪا به شيءِ ڏسڻ وٽان نه ملي سگهندي، بلڪه اينئن چئجي ته ڳولهي به نه ملندي. هن شهر جون اهي سموريون شيون رحمت نه پر زحمت ٿيون لڳن، مثال وٺجي پاورهائوس ۽ ملٽاءِ نيشنل ڪمپني جو ته اتان خارج ٿيندڙ زهريلين گئسن وارو دونهو ۽ ڪيمڪلن سان ڀريل نيڪال ڪيل گندو پاڻي شهرين جي صحت تي سڌي ريت اثر ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڪري شهري چمڙي، اکين، ۽ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا ِآهن، پر افسوس ته انتظاميه نالي ڪابه شيءِ نظر نه ٿي اچي.
هتان جي گهٽي گهٽي ۾ گندگي جا ّڍير بڻيل آهن. ان سان گڏو گڏ صاف پاڻي جو بهتر نموني ورڇ واروڪوبه طريقيڪارنه هجڻ ڪري گهرن ۾بدبوءُ وارو پاڻي اچي رهيو آهي، بدبوءَ واري پاڻي پيئڻ سان موزي مرضن جنم ورتو آهي، جهڙوڪ گيسٽرو،ڊائريا،هيپاٽائٽس بي، سي جنهن مان هيپاٽائٽس سي جنهن کي ڪاري سائي به سڏيو ويندو آهي. ان سان گڏو گڏ ڊرينيج سسٽم بهتر نموني نه هجڻ ڪري گٽرن جو پاڻي روڊ رستن تي بيٺل آهي، گندي پاڻي جو جمع ٿيڻ سان مڇر پيدا ٿي رهيا آهن، ان سبب ماڻهو مليريا جهڙين بيمارين ۾ مبتلا آهن.پاور هائوس جو گندو دونهون ۽ روڊ رستن جي ڌوڙ سبب چمڙيءَ جون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن.روڊ رستا صحيح طريقي يعني بهتر پلاننگ ذريعي نه ٺهيل هجڻ ڪري ٽٽي پيا آهن، جنهن ڪري روز مرهه جو ڪارونهوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي.
جيئن ته ڄامشورو شهر جيڪو هاڻي ٽائون ڪاميٽي ٿيڻ ۽ ان جي انتظاميه وٽ ڪروڙن جي بجيٽ هجڻ باوجود ڪو به ڌيان نه ڏئيندي آئي ڏينهن پاڻي جي کوٽ، بجلي جا مسئلا، روڊن رستن جا مسئلن سميت ڪو به بهتر سسٽم نه آهي. اسان جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي ڪنهن سڌريل شهر کي کڻو ته اتان جي انتظاميه سجاڳ ۽ شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي نظر ايندي پر اسان وٽ هن شهر ۾ ڪانه اهڙي شيءِ نه ملندي جنهن ڪري شهري سخت متاثر ٿي رهيا آهن. بجلي جي حوالي سان هيسڪو جي بي ڌياني به هڪ اعليٰ مثال آهي، جنهن سبب بنا شيڊول جي لوڊشيٽنگ ٿي رهي آهي. ان باوجود به انتظاميا ڪوبه جوڳو قدم نه کنيو آهي.ان سمورين شين کي کسندي لاڳاپيل انتظاميه توڙي اعليٰ عملدار جيڪي هتا ن جي عوام جي ووٽ ذريعي اعليٰ اعوانن تائين پهتا آهن، انهن کي گهرجي ته اهي سکڻي اک کڻي شهر کي ڏسن ته شايد هن شهر جي قسمت جاڳي پئي ۽ هتان جي عوام جيڪا تڪليفن کي مونهه ڏئي رهي آهي انهن جي ڪا داد رسي ٿئي ۽ ٻين ترقيافته ملڪن جي ترقيافته شهرن وانگر سمورين سهولتن سميت پر امن شهري طور رهي سگهن. ٻي صورت ۾ هن ڄامشوريشهر کي تباهي جي ور چڙهڻ کان شايد ئي بچائي سگهي.
No comments:
Post a Comment